About زيارت حضرت زهرا سنڌي Ziyarat Hazrat Zahra Sindhi
سائڻ فاطمة الزهراء سلام الله عليها جي زيارت جي فضيلت
سائڻ فاطمة الزهراء سلام الله عليها جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي، اسلام جيڪڏهن نياڻي کي رحمت ڄاڻايو آهي ته ان بنياد تي سائڻ سلام الله عليها، رحمة للعالمين بڻجي ايندڙ نبي صلي الله عليه و آله و سلم لاءِ به رحمت آهن. اسلام ۾ جيڪڏهن شادي ڪرڻ وسيلي مرد پنهنجي اڌ دين کي بچائي سگهي ٿو ته ان بنياد تي سائڻ سلام الله عليها، ڪل ايمان امير المومنين عليه السلام جي لاءِ به اڌ ايمان آهن. اسلام ۾ جيڪڏهن اولاد جي جنت ماءُ جي پيرن ۾ آهي ته ان بنياد تي جنت جي جوانن جي سرادرن امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام جي جنت به سائڻ سلام الله عليها جي پيرن ۾ آهي.
بهرحال اهڙين پاڪ هستين جي زيارت جو تمام گهڻو تاڪيد ڪيو ويو آهي، حقيقت ۾ سندن زيارت ڪرڻ به کين خراج تحسين پيش ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙين آئيڊيل شخصيتن جي زيارت، انسان کي پنهنجي زندگي لاءِ بهترين عملي نمونو فراهم ڪري ٿي. سائڻ جي زيارت بابت تمام گهڻيون روايتون آهن. ڪجھ روايتن ۾ آهي ته جنهن سائڻ سلام الله عليها جي زيارت ڪئي، ان ڄڻ ته رسول اڪرم صلي الله عليه و آله جي زيارت ڪئي. اهو قيامت ڏينهن جنت الفردوس ۾ پاڻ ڪريم صه سان گڏ هوندو. (مفاتيح الجنان)
بهرحال رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جي رحلت ۽ وفات کان پوءِ سائڻ سلام الله عليها جو ٽن مهينن ۾ اهڙي مظلوميت سان شهيد ٿيڻ، هر با ضمير انسان جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال اڀاري ٿو. ڇو سائڻ سلام الله وصيت فرمائي ته کين رات جو دفن ڪيو وڃي، ۽ ڪجھ خاص مانهو سندن جنازي ۾ شريڪ نه ٿين؟ اهڙا سوال با ضمير ۽ حريت ۽ آزادي پسند انسانن جي حق ڏانهن ضرور رهنمائي ڪندا. سائڻ سلام الله عليها جي زندگي جو اهم درس، ولايت جو دفاع آهي. اڄوڪي دور ۾ اهڙي سبق کي ورجائڻ جي ضرورت آهي ۽ اڄوڪي انسان جي هر مشڪل جو حل ولايت جي معرفت ۽ ان لاءِ قربان ٿيڻ ۾ لڪيل آهي.
اميد آهي ته سائڻ سلام الله عليها جي زيارت جي هي ايپليڪيشن مومنين کي پسند ايندي، ۽ ايپليڪيشن بڻائڻ وارن لاءِ آخرت جو ذخيرو بڻجندي.
المجتبى ملٽي ميڊيا
التماس دعا...
رابطو: Email: alhussaini4alll@gmail.com
WhatsApp: +989390912866
Download and install
زيارت حضرت زهرا سنڌي Ziyarat Hazrat Zahra Sindhi version on your
Android device!
Downloaded 100+ times, content rating: Everyone
Android package:
tasniiim.ziarat.hazrat.zahra, download زيارت حضرت زهرا سنڌي Ziyarat Hazrat Zahra Sindhi.apk
by A####:
پاڪ سائڻ(س) توهان سان راضي ٿئي .. الله ڪريم اجر عظيم عطا فرمائي